سوچ کي لوڇ

سوچ کي لوڇ

سوچ کي لوڇ

سوچ کي لوڇ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري شاعر ذوالفقار راشديءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، قطعا ۽ دوها شامل آهن. اداري پاران زيب سنڌيءَ جون ڳالهيون جي سري هيٺ نوٽ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته هن ڪتاب جو مهاڳ خود ليکڪ ’ذهن جي زبان سان‘ لکيو آهي. هيءُ ڪتاب ’منور‘ جي نالي ارپيو ويو آهي: ’جيڪو نالو ڳپل ڏهاڙن تائين ذوالفقار راشديءَ جي شاعريءَ لاءِ اتساهه جو ڪارڻ بڻيو رهيو.‘ ڪتاب جي آخر ۾ ڀل نامو ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهم ڪتاب آهي. ڊيمي سائيز جي 226 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سڳند پبليڪيشن، لاڙڪاڻي، اپريل 1982ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 20 روپيا آهي. هن ڪتاب جو ٽائيٽل نامور آرٽسٽ فتاح هاليپوٽي ٺاهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو